عمان – 08 مارچ (اي پي پي) رائل اردني فضائيه جي جهازن اتر غزه جي پٽي جي ڪيترن ئي هنڌن تي انساني امداد جا 9 نوان ايئي ڊراپ ڪي?? آهن. جن ۾ آمريڪا، فرانس، بيلجيئم، ڊن??ارڪ ۽ مصري جهازن شرڪت ڪئي. العربيا اردو مطابق اردن جي فوج طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??هو قدم اردن جي جاري ڪوششن ۽ غزه جي پٽي ۾ ماڻهن لاءِ طبي، امدادي ۽ خوراڪ موڪلڻ جي ڪوششن تحت کنيو ويو آهي، جنهن جو مقصد جنگ جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ خوراڪ جي شديد کوٽ کي پورو ڪرڻ آهي. هن وضاحت ڪئي ته ??زه جنگ جي شروعات کانپوءِ اردني فوج ڀائر ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سان (اردن) جي هٿياربندن فوج طرفان ڪيل 23 ايئر ڊراپس کان علاوه 29 اردني ايئر ڊراپس پڻ انجام ڏن?? آهن. جن ۾ گڏيل عرب امارتن ۽ برطانيا حصو ورتو. آمريڪي فوج چيو آهي ته ??ي-130 ڪارگو جهازن گذريل ڏينهن غزه جي پٽي ۾ فضا مان امداد ڪيرائي. اها اردن سان آمريڪي فوج جو ٽيون ايئرڊراپ آپريشن آهي. يو ايس سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) سوشل ميڊيا تي اطلاع ڏنو ته ??مريڪي سي-130 جهاز اتر غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪندڙ 38 هزار کان وڌيڪ خوراڪ جا پيڪيٽ ڪيرايا ته ??يئن جنگ سبب متاثر شهرين کي ضروري امداد تائين پهچ حاصل ٿي سگهي.
ڇهن ملڪن جي جهازن جو اتر غزه ۾ ايئر ڊراپ آپريشن
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria