مڪو شريف – 21 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي ع??ب جي مقدس هنڌن الحرمين الشريفين جي انتظامي ڪميٽي چيو آهي ته م??جد الحرام ج?? صفائي ۽ سينيٽائزنگ جو عمل تفصيلي طور انجام ڏنو ويندو آهي. سبق نيوز مطابق انتظامي ڪميٽي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪعبت الله جي ڇت ج?? صفائي جي لاءِ سڀ کان پهرين ڊجيٽل ويڪيم ڪلينر سان مٽي کي صاف ڪيو ويندو آهي بعد ۾ ڪنڊن پاسن ج?? صفائي هٿ واري ٻهاري سان ڪئي ويندي، مٽي صاف ڪرڻ کان پوءِ ڇت کي ڌوئي خشڪ ڪيو ويندو آهي. ڪميٽي موجب ڪعبت الله جي غلاف جا ڪنڊا جن جاين تي ??صب آهن اتي به صفائي جوعمل بهتر طريقي سان ڪيو ويندو آهي ۽ آخر ۾ ڪعبت الله جي ڇت تي گلاب جو عرق ڇڙڪيو ويندو آهي.
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر