گڏيل قومون-20 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس هڪ ڀيرو ٻيهر غزه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي صحت واري اداري 4 ڏينهن کان اسرائيلي ڏاڍ جو نشانو بڻجندڙ غزه جي الشفا اسپتال کي ڊيٿ روم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي ٻين ??دارن جي عهديدارن به سيڪريٽري جنرل جي ان اپيل جي حمايت ڪئي آهي، جنهن ۾ غزه جا 23 لک رهواسي خاص طور تي اسرائيلي فوجي ڪاررواين ??بب بي گهر ٿيل 17 لک فلسطينين لاءِ حالتن کي بهتر بنائڻ جو چيو ويو آهي. سيڪريٽر جنرل طرفان ج??ري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن جنگ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهرين ??ي فوت ٿيڻ جي تعداد حيران ڪُن ۽ ناقابل قبول آهي. ان فوجي ڪاررواين کي فوري طور تي روڪڻ گهرجي. مان هڪ ڀيرو ٻيهر انساني همدرديءَ جي بنياد تي غزه ۾ جنگبنديءَ جي اپيل ڪريان ٿو. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ واقعن پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ اسڪولن ۾ پناهه وٺندڙ هزارين ??هرين ??و قتل الشفا اسپتال ۾ پناهه وٺندڙ هزارين ??هرين ??ون ج??نيون بچائڻ لاءِ ڀڄڻ، لکين م??ڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏڻ، سمورن بين ??لاقوامي قانونن جي وڏي پيماني تي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي ز??ري ۾ اچن ٿا.
گڏيل قومن جي سربراهه جو هڪ ڀيرو ٻيهر غزاه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات