گڏيل قو??ون- 28 جون (اي پي پي) گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم عيدالاضحيٰ جي پُرمسرت موقعي تي ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون آهن. ڪشميري ميڊيا سروس موجب گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم آمريڪا ۾ اڄ اربع ڏينهن عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيد جي موقعي تي اسلام جي ناقابل تغير اصولن موج?? انهن سمورن ماڻهن جي حمايت ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃي جيڪي ڏاڍ، جنگ، وبا، اس??حصال ۽ پرڏيهي قبضي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هي عيد ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ اس??ن جي بهادر ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي جيڪي پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رهيا آهن.هن چيو ته اچو ته اس??ن هن عيد تي عالمي سطح تي بک کي ختم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ اڻبرابري، نا??نص??في ۽ امتيازي سلوڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. هن سمورن مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
منير اڪرم طرفان ڪشميري عوام جي جدوجهد کي خراج تحسين، مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر