رياض-19 اپريل(اي پي پي)سعودي عرب گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل پاران گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي مڪمل ميمبر شپ کي تسليم ڪرڻ واري ٺهراءَ جي ناڪامي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي مڪمل ميمبر شپ قبول ڪرڻ ۾ رڪاوٽون اسرائيلي قابض رياست جي مداخلت ۽ ان جي پاران عالمي قانون جي لڳاتار خلاف ورزين کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون. پرڏيهي وزارت عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته غزه ۾ فلسطيني شهرين تي قابض اسرائيلي حملن کي روڪڻ، فلسطيني عوام جي خود اراديت واري حق جي حما??ت ۽ 1967 جي سرحدن تي مشت??ل فلسطيني رياست جي قيام جي ذميواري قبول ڪري،عرب امن فارمولي کي اڳيان وڌائي ۽ گادي واري شهر اوڀر بيت المقدس تي مشت??ل فلسطيني رياست جي قيام کي تسليم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، واضع رهي ته خميس تي سلامتي ڪونسل جي اجلاس ۾ آمريڪا الجزائر پاران فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر شپ ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءَ خلاف پنهنجي ويٽو پاور جو استعمال ڪيو،سلامتي ڪونسل جي 12 ميمبرن ٺهراءَ جي حمايت ڪئي جڏهن ته آمريڪا ان ٺهراءَ کي ويٽو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل ميمبر شپ جي ٺهراءَ جي ناڪامي افسوس جوڳي آهي:سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena