واشنگٽن- 07 فيبروري (اي پي پي)آمريڪا جي دفاع واري وزير لائيڊ آ??ٽن سعودي هم منصب خالد بن سلمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ا??دن ۽ شام جي سرحد تي آمريڪي اڏي تي حملي جي ردعمل جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. ميڊيا رپورٽن ۾ آمريڪا جي دفاع واري کاتي جي لکت ۾ جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته لائيڊ آ??ٽن ۽ خالد بن سلمان وچ ۾ ٿيل ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن ا??دن ۽ شام جي سرحد تي آمريڪي بيس تي حملي (جنهن ۾ ان جا ٽي فوجي مارجي ويا) ۽ يمن جي حوثي باغين خلاف آمريڪي جوابي ڪاروائي جي باري ۾ خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي. آسٽن ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن جو ملڪ عراق ۽ شام ۾ پنهنجي فوج کي درپيش خطرن سان احمر سمنڊ ۾ سفر جي آزادي خلاف حوثين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي شراڪتدارن سان ڪم جاري رکندو، واضع رهي ته 29 جنوري تي شام ۽ ا??دن جي سرحد تي واقع آمريڪي ٽاور بيس تي حملي ۾ ٽي فوجي مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
آمريڪا جي دفاع واري وزير جو سعودي هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو، علائقائي دفاعي معاملن تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم