ڊيووس – 17 جنوري(اي پ?? پي) سوئٽزر لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيل ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عورتن ۽ مردن جي صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار ۾ گهڻو وڌيڪ فرق آ??ي جنهن سان سڄي دنيا ۾ ساليانو هڪ کرب ڊا??ر نقصان ٿيندو آهي. اردو نيوز مطابق مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون پنهنجي زندگي جو چوٿون حصو خراب صحت سبب تڪليف ۾ گذا??ي ڇڏينديون آهن جنهن جو هڪ سبب مردن جي صحت تي وڌيڪ تحقيق، بيماري جي سڃاڻپ ۽ علاج جو ممڪن ٿيڻ آهي. ڊيووس ۾ پيش ٿيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن مردن ۽ عورتن جي صحت جي حوالي سان ان فرق کي ختم ڪيو وڃي ته 2040ع تائين عالمي معيشت ۾ ساليانو هڪ کرب ڊا??ر جو اضافو ٿيندو، ان جو مطلب آهي ته عورتون مجموعي ملڪي پ??داوار ۾ 1.7 سيڪڙو جي ترقي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais