اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ??رڪ??ه جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڇڪرائيندي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ??رڪ??ه لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد سان ڳالهائيند?? ڪئي، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ??رڪ??ه سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته شين جي واپار جي معاهدي تي صحيحن سان و??ولي مدي ۾ 5 ملين ڊالر جو ٻطرفو واپاري هدف حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿيندي. هن سڄي دنيا ۽ خاص طور تي هندستان ۾ جتي مسلمانن کي روزاني جي بنياد تي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسلا??و فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي لاءِ ??رڪ??ه جي حمايت جو اعتراف ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ??رڪ??ه پاران پاڪستان جي حمايت تي به ٿورا مڃيا ۽ نامزد سفير کي چيو ته هو ??رڪ??ه کي انهن جذبن کان آگاهه ڪري. صدر نامزد سفير کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ??رڪ??ه جي بنيادي ايشو تي ان جي حمايت لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جي ??رڪ??ه سان لاڳاپن جي قيام کانپوءِ هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي طور تي 190 کان و??يڪ معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز