لاهور – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چي?? آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت، پاڪ فوج، اين ڊي ا??م اي ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪشمير پراپرٽيز جو تحفظ اسان جي ا??لين ترجيح آهي، شهباز گل جي ڪيس کي جهڙي ا??ميت ڏني وئي ا?? تي حيران آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ ايڊمنسٽريٽر ڄمون ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي در پاڪستان جي آفيس ۾ منعقد اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. قمر زمان ڪائره چي?? ته اڄ ڪشمير پراپرٽيز جي حوالي سان هتي اسان جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو آهي جنهن ۾ ڪشمير جي پنجاب ۾ موجود پراپرٽيز جي حوالي سان تفصيلن جو جائزو ورتو ويو. هن چي?? ته اهي پراپرٽيز ڪم??مير جي ا??انت آهن، جيڪڏهن انهن تي قبضو ثابت ٿيو ت?? قبضي مافيا خلاف ڀرپور قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چي?? ته مون ايڊمنسٽريٽر کي واضح هدايت ڪئي آهي ته ڪشمير پراپرٽيز جي حوالي سان ڪنهن کي هروڀرو تنگ نه ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ان تي قبضو ثابت ٿئي ٿو ته ان ۾ اداري جي ا??دران ماڻهو ملوث ٿيو يا ٻاهرين گروپس جي مداخلت ٿي ته انهن جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ قمر زمان ڪائره چي?? ته شهباز گل جي حوالي سان آئون وڌيڪ تبصرو نه ڪندس پر ان ڳالهه تي حيران آهيان ته شهباز گل جي ڪيس کي ميڊيا ايتري ا??ميت ڇو ڏني، هن چي?? ته پنجاب جي وڏي وزير جي تبديلي جي حوالي سان مون وٽ ڪا به خبر نه آهي پر اهي خبرون مون کي ميڊيا کان ملي رهيون آهن. هن چي?? ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي ۽ هي ا??داد متاثرن تائين پاڪ فوج ذريعي ڏني پئي وڃي. هن چي?? ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، قمر زمان ڪائره چي?? ته ٻوڏ متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار روپيا ڏئي رهيا آهيون، هن چي?? ته پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ جون صوبائي حڪومتون به ٻوڏ متاثرن کي ا??داد ڏئي رهيون آهن ۽ اسان کي ٻوڏ متاثرن جي مشڪلاتن جو چڱي ريت اندازو آهي ته هو جهڙي طرح کليل آسمان هيٺ هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، انهن جي زندگي جي سڄي ڪم??ئي ٻوڏ لوڙهي وئي آهي، ان کان اڳ ڪشمير پراپرٽيز جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڪشمير معاملن واري سيڪريٽري شير عالم مقصود، ڄمون ۽ ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي در پاڪستان جي ا??ڊمنسٽريٽر بلال آفتاب احمد ڪچي سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ قمر زمان ڪائره کي ڪشمير پراپرٽيز جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.
ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن: قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد