ڪوئيٽه-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان جو سول انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريلف آپريشن جاري آهي. هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ بلوچستان جي وڏي آباديءَ کي بُريءَ طرح متاثر ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي جاني ۽ مالي نقصان سان گڏ روڊ رستا پڻ متاثر ٿيا آهن، جنهن سبب ??مدادي ڪمن ۾ ڏُکيائيون ??يش اچي رهيون آهن. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ضلعي انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏجي متاثرن جي خدمت ۾ رات ڏينهن مصروف آهن. ريسڪيو ٽيمون ??وڏ ۾ ڦاٿل هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪري مختلف هن??ن تي منتقل ڪيو آهي. ڪوئيٽه جي علائقي نوان ڪلي ۾ 11 ماڻهو ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڦاٿل هئڻ جو اطلاع ملڻ تي پاڪستان آرمي ايوي ايشن انتهائي خرا?? موسم ۽ تيز برسات دوران انهن ماڻهن کي ريسڪيو رڪي محفوظ ماڳ تي منتقل ڪيو. ڪوئيٽه ۾ لاڳيتي برسات سبب متاثر ٿيل ڪينٽ جي ڀرپاسي جي متاثرن کي پوليس لائن ڪوئيٽه ڪينٽ ۾ منتقل ڪري کاڌو ۽ ٻيون ضروري شيون ??هيا ڪيون ??يون. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان ڪوئيٽه، مسلم باغ، چمن، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، لهڙي، نصير آباد، بيله، اوٺل ۽ جعفر آباد جي علائقن ۾ رليف ڪيمپس قائم ڪري پڪل کاڌو ۽ ٻيون شيون بسترا فراهم ڪري رهي آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪوئيٽه، مسلم باغ، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، دوبندي، لهڙي، سدوري، ارا جي ضلعن لسٻيلا جي مختلف هن??ن تي فري ميڊيڪل ڪيمپون ??ائم ڪري مفت علاج لاءِ سهولتون ??هيا ڪيون ??يون ??ڃن ?? روڊ رستن جي جلد بحاليءَ لاءِ سول انتظاميه ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان شاهراهن ۽ پُلن جي مرمت جو ڪم پڻ تيزيءَ سان جاري آهي، حب باءِ پاس شاهراهه کان بيله تائين 6 ٽريفڪ مئنجمينٽ ٽيون ??قرر ڪيون ??يون آهن، جڏهن ته آر سي ڊي شاهراه کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ کوليو ويو، ميري ۽ لاکڙا روڊ سبي تارکني روڊ جيڪو لينڊ سلائيڊنگ سبب ??ند ڪيا ويا هئا ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا آهن. لنڊا پل ۾ پاڻيءَ جي گهٽ سطح هئڻ تي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. جنهن کي جلد ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ رات ڏينهن مصروف آهن.
پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان جو سول انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريلف آپريشن جاري
مضمون کا ماخذ : quina acumulada