اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) ملڪ ۾ 30 ج??ن کان سانوڻي جي برساتن جي سلسلي جو امڪان آهي جنهن جي ڪري نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي لاڳاپيل (اين ڊي ا??م اي) ادارن کي ا??رٽ رهڻ جي ه??ايت ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي جي تازه ترين پڌرائي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خميس 30 ج??ن کان اڱاري 5 جولاءِ دوران طوفان، تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب برساتن جي ا?? تيز سلسلي جي ڪري 2 کان 4 جولاءِ دوران اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ 3 کان 5 جولاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا نشيبي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪشمير، گليات، مري لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. اين ڊي ا??م اي ا?? صورتحال جي ڏس ۾ سمورين وفاقي، صوبائي وزارتن، انهن جي ماتحت لاڳاپيل ادارن بشمول صوبائي، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي ڪنهن به قسم جي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي ه??ايت ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ا??م اي ۽ ڊي ڊي ا??م ا?? کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عمل?? کي تيار رکڻ سان گڏ هيٺين علائقن جي لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي اڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ جي ه??ايت ڪري ڇڏي آهي ته جئين موسم جي ڪري ٻوڏ واري پاڻ?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، لوڪل ريسڪيو سروسز ڊپارٽمينٽس ٻوڏ خطري ۾ ورتل علائقن جي رهواسين خاص طور تي سياحتي جاين طرف ويندڙ عوام کي غير ضروري چرپر کان محتاط رکڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيو اهو ته هيٺين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهن ۽ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال بابت ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي آگاهه ڪن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بشمول موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين علائقن طرف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن کي ا??ڪاني برسا??ن ۽ رستن جي تازه ترين صورتحال کان باخبر رکن.
ملڪ ۾ 30 جون کان سانوڻي جي برساتن جي سلسلي جو امڪان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر