اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۾ ترڪيءَ جي ??فير احسان مصطفيٰ يرداڪل پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??هميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ڀائر ملڪ پاڪستان سان گڏيل لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعا??ن موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ??ردو نيوز سروس جي ??پ گريڊيش?? جي منصوبي جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ترڪ سفير اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ ربن ڪاٽي اي پي پي اردو سروس جي ??پ گريڊيش?? جي منصوبي جو افتتاح ڪيو جنه?? جي لاءِ ترڪ جي ??عاون ۽ گڏيل رابطن واري اداري (تيڪا) معاونت فراهم ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ اطلاعات واري وزارت ۽ اي پي پي جا اعليٰ آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ترڪ سفير چيو ته ترڪ جي ??عاون ۽ گڏيل رابطن واري اداري (تيڪا) جي ??عاون سان قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي ??ردو نيوز سروس جي ??پ گريڊيشن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي ??فتتاحي تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته ميڊيا انتهائي اهميت رکندڙ شعبو آهي، ٻنهي ملڪن جو ميديا سميت مختلف شعبن ۾ اڳ ۾ ئي تعاون ۽ حصيداري جاري آهي. سڄي دنيا ۾ ميڊيا نئين رجحانن ۽ ٽيڪنالاجيز کان روشناس ٿي رهي آهي ۽ هي هڪ اهڙو قدم آهي جيڪو اي پي پي کي جديد رخن تي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اميد آهي ته ان سان اي پي پي کي فائدو ٿيندو. هن اي پي پي انتظاميا ۽ تيڪا جا پڻ ٿورا مڃيا. ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير ترڪ سفير کي قومي خابرو اداري جي معا??لن بابت آگاهه ڪيو ۽ اردو سروس جي ??نگ روغن ۽ ان کي پيشيواراڻي جديد اوزار?? جي فراهمي تي ان جا ٿورا مڃيا. اختر منير چيو ته تيڪا پاران فراهم ڪيل تعاون سان اردو سروس کي پنهنجي نيوز آپريشن ۽ پيشيواراڻي خدمتن کي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيڻ ۾ معاونت سان گڏوگڏ ڪم ڪار جو بهتر ماحول مليو آهي. هائي ٽيڪ ورڪ اسٽيشنز، لوڪل ايريا نيٽ ورڪنگ، جديد سرور ۽ ٻئي ساز و ساما?? جي فراهمي ۽ انفراسٽرڪچر جي ??هتري سان اداري کي موجوده دور جي ميڊيا سان وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. تيڪا جي ڪنٽري ڪوآرڊينيٽر محسن بالجي ??ن تعاون کي ترڪ عوام پاران هڪ تحفو قرار ڏيندي چيو ته ان سان پاڪ ترڪ ڀائراڻن رشتن کي وڌيڪ فروغ ملندو. ان کان اڳ اي پي پي هيڊڪوارٽر اچڻ تي اي پي پي جي ??يم ڊي اختر منير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيوز محمد حنيف صابر، ڊائريڪٽر اي پي پي اردو سروس عبدالجبار ذڪريا، ڊائريڪٽر ڊيجيٽل نيوز شفيق احمد قريشي، ڊائريڪٽر آءِ ٽي غواث خان، ڊائريڪٽر ايڊمن عدنان گهمن ۽ ٻين سينيئر آفيسرن وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ترڪ سفير ۽ تيڪا جي ??ملدارن جو شاندار استقبال ڪيو.
پاڪستان سان گڏيل لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا: ترڪ سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان