اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان پولينڊ سان واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ??و خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ ??اء?? پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر خالد حسين ميمڻ سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته گڏيل بزنس فورم جو قيام، توانائي جي شعبي ?? پولينڊ جي ڪمپني سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو، نامزد سفير پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تجديد ??اء?? پولينڊ جي مسلسل حمايت ڪرڻ ??اء?? ڪم ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحن جي آمد وڌائڻ ??اء?? نامزد سفير سياحت جي شعبي ?? موجود موقعا اجاگر ڪري. نامزد سفير پاڪستان ۽ پولينڊ جي يونيو??سٽ??ن جي وچ ۾ اداره جاتي رابطن جي قيام ??اء?? ڪم ڪري. صدر چيو ته تعليم جي شعبي ?? ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ سان پاڪستاني يونيو??سٽ??ن جو تعليمي ۽ تحقيقي معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نامزد سفير پولينڊ ۾ پاڪستاني افرادي قوت جو تعداد وڌائڻ تي به ڪم ڪري. صدر نامزد سفير کي پولينڊ ۾ پاڪستان جي سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد به پيش ڪئي.
پاڪستان جمهوريه پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق