اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پ??ڪس??ان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي مسئلن کان بچڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم خاص طور تي واپار ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ و??جهي ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم سرحد جي ٻنهي طرفن ر??ند?? ماڻهن جي معاشي ترقي جي لاءِ سرحدي منڊين جي جلد پڄاڻي ۽ انهن کي فعال بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي ۽ هن سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ ڀرپور حمايت تي ايراني حڪومت ۽ سپريم ليڊر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظ?? پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي هڪ جهڙي موقف تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي بدحالي کي روڪڻ ۽ عملي قدمن ۾ اضافي، استحڪام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ايران جي صدر رئيسي جي پ??ڪس??ان جي دوري جي دعوت کي ورجايو. ملاقات ۾ ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدي وزيراعظم کي ايراني قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ايران جي خواهش کي ورجايو.
پاڪستان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados