لاهور – 03 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه معاشي ترقي جي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا ضروري آهن، ترقي يافته ملڪن ۾ هر شهري ٽيڪس ڏيندو آهي، واڌ جي شرح جي حساب سان ملڪ ۾ صرف 9 سيڪڙو ٽيڪس جمع ٿيندو آهي، آف شور ڪمپنين جي ذريعي خاص طبقي ٽيڪس چوري ڪئي، ٽيڪس چوري جي رقم سوئس بئنڪن ۽ يورپ ڏانهن منتقلي ڪئي وئي، وزيراعظم عمر??ن خان ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي حوالي سان آواز بلند ڪيو، نظام جي تبديلي لاءِ احتساب ضروري آهي، اسلامي تاريخ ۾ خلفاءِ راشدين احتساب جي لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو، ٽيڪس ڏيندڙن کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ??يون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٽيڪس نظام جي حوالي سان گورنر هائوس ۾ منعقد آگاهي ??يمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ٽيڪس ڏيڻ ضروري آهي، ٽيڪس چوري سان ملڪي معيشت متاثر ٿيندي آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تمام گهٽ شهري ٽيڪس ادا ڪندا آهن، واڌ جي شرح جي حساب سان ملڪ ۾ صرف 9 سيڪڙو ٽيڪس جمع ٿيندو آهي، هن چ??و ته ماضي ۾ آف شور ڪمپنين جي ذريعي خاص طبقي ٽيڪس چوري ڪئي ۽ ٽيڪس چوري جي رقم سوئس بئنڪن ۽ يورپ ڏانهن منتقل ڪئي وئي جنهن سان ملڪ قرضن هيٺ دٻجي ويو، ملڪ ۾ تبديلي آڻڻي آهي ??ه هر شهري کي ذميداري جو احساس ڪندي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو آهي ڇو ته ترقي يافته ملڪن ۾ هر شهري ٽيڪس ڏيندو آهي، صدر چيو ته ٽيڪس جي رقم ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجي ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ??يون وڃن. هن چ??و ته سرڪاري ڪم ۾ دير سان رشوت کي فروغ حاصل ٿيندو آهي ??نهن سان ڪرپشن وڌي ويندي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ روزاني جي بنياد ۽ ميرٽ تي فائل ورڪ اڪلايو ويندو آهي، صدر چيو ته حڪومت جڏهن به ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ??ه سڀ کان پهرين واپاري برادري پار??ن خدشن جو اظهار ڪيو ويندو آهي ??يڪا افسوس جي ڳالهه آهي، قوم جي حيثيت سان ملڪي ترقي جي لاءِ خوشي سان اسان کي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻ گهرجي، ٽيڪس وڌيڪ وٺڻ تي بحث ته ڪري سگهجي ٿي، پر ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ڪو به بحث نٿو ٿئي، صدر چيو ته ٽيڪس کي حاصل ڪرڻ به ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، عوام کان ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي محتسب ۽ ايف بي آر گڏجي عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۽ ڪرپشن روڪڻ جي لاءِ پنهنجو اهم ??ردار ادا ڪن. هن چ??و ته اڄ جي دور ۾ ڪم جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، اها هڪ حقيقت آهي ??ه ادارن ۾ هروڀرو جي رڪاوٽن جي ڪري ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪندا آهن اهي ??مجهن ٿا ته جيڪڏهن سان ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿي وياسين ته اسان کي هروڀرو پريشان ڪيو ويندو ??ن خوف کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ??نهن جي لاءِ اداره جاتي سڌارا به آڻڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته ترقي ياته ملڪن ۾ قرضن کي حاصل ڪرڻ، ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ ۽ ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ ماڻهن کي آفيسن جا چڪر لڳائڻا نٿا پون جنهن جي ڪري اهي ??وشي سان ٽيڪس جي ادائيگي ڪندا آهن، اسان کي به ان مادل کي اختيار ڪرڻو پوندو ۽ عوام کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارڻو پوندو ته انهن جو ٽيڪس ملڪي ترقي لاءِ خرچ ٿيندو. صدر عارف علوي چيو ته ماضي ۾ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کان ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي رقم ترقي يافته ملڪن ڏانهن منتقلي ڪئي وئي جنهن سان انهن ملڪن جي معيشت ته مستحڪم ٿي وئي پر اسرندڙ ملڪن قرضن هيٺان دٻجي ويا، عمر??ن خان پهريون وزيراعظم آهي ??نهن ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي خلاف مختلف عالمي فورمن تي آواز بند ڪيو.
معاشي ترقي جي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا ضروري آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ