اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آ??ي ته ملڪ ۾ گئس جي ڳولا لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي، نئين اي?? اي?? جي ٽرمي??لز هڻڻ ۽ ورچوئل پائيپ لائين منصوبن ۾ اي??دڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين منصوبو وڌيڪ دير کانسواءِ مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت پاڪستان ۾ گئس جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وير شوڪت فياض ترين، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي، وزيراعظم جي خاص معاون محمود مولوي ۽ لاڳاپيل آفيسن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ گئس جي طلب، ملڪي ذخيرن مان فراهمي ۽ اي?? اي?? جي جي کوٽ ۽ درآمد بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ گئس جي موجوده طلب 4700 اي?? اي?? سي اي?? ڊي آ??ي جيڪا سرديءَ جي موسم ۾ وڌي 6000 کان 6500 اي?? اي?? سي اي?? ڊي تائين پهچي وڃي ٿي. ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ گئس جي موجوده سپلائي 3300 اي?? اي?? سي اي?? ڊي آ??ي جيڪا هر سال گهٽ ٿي رهي آ??ي، ان جي ڪري گئس جي کوٽ پوري ڪررڻ جي لاءِ اي?? اي?? جي درآمد ڪرڻي پوي ٿي. موجوده انفراسٽرڪچر سان سردين ۾ اٽڪل 1000 اي?? اي?? سي اي?? ڊي جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي ج??هن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ مختلف آپشنز اختيار ڪيا پيا وڃن، مختصر مدي جي لاءِ گهريلو ٽرمي??لز جي موجوده صلاحيت کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ ورچوئل پائيپ لائين لائيسنس جاري ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي. ان کانسواءِ نئين اي?? اي?? جي ٽرمي??لز هڻڻ جو ڪم جاري آ??ي ۽ سمورين رڪاوٽن کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ گئس جي ڳولا لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي ڇو ته اهو قدرتي گئس جو سڀ کان سستو ذريعو آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي نئين اي?? اي?? جي ٽرمي??لز هڻڻ ۽ سيڙپڪارن پاران ورچوئل پائيپ لائين منصوبن ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان سلسلي ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت، پيٽروليم وزارت ۽ اوگرا کي هدايت ڪئي وئي آ??ي ته اهي هڪ ٻئي سان رابطو رکن ۽ سيڙپڪارن سميت ٻين سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. وزيراعظم نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين جي اهميت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي ته طئي ٿيل مقرر مدي ۾ وڌيڪ دير کانسواءِ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.
ملڪ ۾ گئس جي ڳولا لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania