اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت جا خواهشمند آهيون جنهن تي افغانستان جون سڀئي سياسي پارٽيون ۽ عوام متفق هجي، نيٽو فوج جي واپسي کانپوءِ افغان فوج پنن وانگر وکري وئي آهي، افغانستان جي صورتحال جو اثر پاڪستان تي به پوندو آهي، افغان قيادت جا اثاثا ۽ خاندان ٻاهرين ملڪ آهن، جڏهن ته افغان عوام غربت ۽ مشڪلاتن ۾ مبتلا آهي، پاڪستان افغان پناهگير ٻارن کي اسڪالرشپ ڏنيون، 6 هزار افغان ٻار هن وقت پاڪستان ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، يونيورسٽين جو جديد ٽيڪنالاجي ۾ اهم ڪردار آهي، آءِ ٽي ۽ تعليم جي ڪري پاڪستان جي مستقبل کي روشن ڪرڻو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت قائداعظم ۽ علامه اقبال جي نظرين تي ٻڌل جديد مسلم رياست جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، صوبن ۽ وفاق کي تعليم ۾ جدت لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان جي مستقبل ۾ نوجوانن جو ڪردار“ جي موضوع تي ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي اسلامي يونيورسٽي جو پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ اهم ڪردار آهي، دنيا ۾ ماڊرن يونيورسٽيون جديد تعليم، صنعت ۽ ٽيڪنالاجي کي گڏائي نئين معيشتن جو بنياد رکيو، اسٽين فورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۾ 500 ٽريلين ڊالر جي معيشت بيهاري، ايپل، گوگل، واٽس ايپ، اسٽي فورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جون ٺهيل ايپس آهن، يونيورسٽين ئي انهن کي موقعا ڏنا ته هو پنهنجي ٽيڪنالاجي کي ڪمرشلائيز ڪن. هن چيو ته يونيورسٽيون، نئين ٽيڪنالاجيز ۽ ڪمرشلائيزيشن جي ڪاميابين دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تعليم واري وزارت ۽ سائنس واري وزارت کي پاڪستان جي مستقبل کي ترقي طرف هموار ڪرڻ آهي. هن چيو ته جڏهن ا??ان پاڪستان ۾ پنهنجو سفر شروع ڪيو ته ا??ان وٽ صرف هڪ يونيورسٽي هئي، اڄ ملڪ ۾ 217 يونيورسٽيون آهن، هن چيو ته ا??ان کي يونيورسٽين ۾ معياري تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ا??ان جڏهن يونيورسٽي جو بنياد رکون ته ا??ان کي خبر هجڻ گهرجي ته اها يونيورسٽي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته صوبن ۽ وفاق کي گڏجي تعليم ۾ بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته فيصل آباد زرعي يونيورسٽي ۾ زبردست ڪم ٿي رهيو آهي، پر ا??ان جي زراعت فيصل آباد زرعي يونيورسٽي ??ان گڏ اهڙي طرح ڳنڍيل ناهي جهڙي طرح هجڻ گهرجي ها. چوڌري فواد حسين چيو ته ا??ان کي يونيورسٽين جي ميڪنزم کي بهتر بڻائڻو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال ترقي يافته ۽ جديد پاڪستان جو خواب ڏٺو هو، علامه اقبال جديد مسلم سوچ تي ڪتاب لکي هن جديد رياست جا آئيڊياز پيش ڪيا، چوڌري فواد حسين چيو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال جي نظرين تي ٻڌل جديد مسلم رياست جي جوڙجڪ ا??ان جو عزم آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف علامه اقبال ۽ قائداعظم جي نظرين کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ا??ان کي ا??ان جون حالتون فيصلا ڪرائينديون آهن، افغانستان جي صورتحال تي نظر و??ي وڃي ته ان ڳالهه کي سدائين نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي ته افغانستان جي صورتحال ا??ان جي ڪري پيدا ناهي ٿي. هن چيو ته 1979ع ۾ يو ايس ايس آر افغانستان تي قبضو ڪيو، آمريڪا 1988ع ۾ افغانستان مان واپس ويو ۽ هاڻي وري آمريڪا جي افغانستان کان واپسي ٿي، اهي سڀئي واقعا ا??ان کان پڇي ڪري ناهن ڪيا ويا پر ان جا نتيجا ا??ان کي ڀوڳڻا پيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان افغانستان جي اندر هڪ اهڙي حڪومت جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ افغانستان جون سڀئي پارٽيون ۽ افغان عوام گڏ هجي. چوڌري فواد حسين چيو ته ا??ان طالبانن کي آمريڪا ??ان ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت ۽ طالبان جون ڳالهيون ڪرايون، پر جيڪڏهن طالبان اتي صوبا فتح ڪري رهيا آهن ته ان ۾ سوال پاڪستان کان نه پر افغانستان کان ٿيڻ گهرجي. آمريڪا ۽ نيٽو ملڪن 2 هزار ارب ڊالر لڳائي افغانستان ۾ 3 لک فوج بيهاري، اها فوج ڇو وکري وئي، ان جو سبب اهو هو ته جيڪو پئسو افعانستان کي ڏنو ويو هو اهو افغانستان ۾ نه لڳو. اڄ افغانستان جي سياسي اڳوا??ن ۽ جرنيلن جو ملڪيتون ٻاهرين ملڪ آهن، انهن جا ٻار ٻچا ٻاهرين ملڪ رهن ٿا، پر افغانستان جي عوام غربت جي زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته ايترو پئسو ڏنو ويو ته اهو پئسو صحيح خرچ ڇو نه ڪيو ويو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته ا??ان افغانستان جي اندر هڪ اهڙي حڪومت جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ سڀئي پارٽنرز ۽ گروپس متفق هجن. افغانستان ۾ ويڙهه ٿيندي آهي ته ان جا اثر ا??ان تي به پوندا آهن. هن وقت تقريبن 35 لک افغان پناهگير پاڪستان ۾ موجود آهن، ا??ان جي پنهنجي معيشت ڪمزور آهي، ان جي باوجود ا??ان پنهنجي افغان ڀائرن کي کلي دل ??ان سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، ا??ان افغان پناهگيرن جي ٻارن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪئي. هن وقت افغانستان جي پوري ڪرڪيٽ ٽيم افغان پناهگيرن تي مشتمل آهي، اڄ افغانستان جون سڀئي عورت ٽيچرز ۽ استاد پاڪستان کان پڙهي ڪري ويا آهن، اڄ به 6 هزار اسڪالرشپ تي افغان ٻار هتي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دنيا کي به ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ا??ان ايترو وڏو بار پهرئين به کنيو آهي، هن چيو ته ا??ان کي پاڪستان کي جديد رخن تي هموار ڪرڻو آهي، پاڪستان جو مستقبل هڪ اهڙي مستقبل ۾ لڪيل آهي جنهن جو بنياد علم، منطق ۽ دليل تي هوندو.
ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت جا خواهشمند آهيون جنهن تي افغانستان جون سڀئي سياسي پارٽيون ۽ عوام متفق هجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن