اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) 22 آگسٽ (اڄ) آچر ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ او آءِ سي ج?? غيرمعمولي ايگزيڪيوٽو اجلاس طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. او آءِ سي ج?? سيڪريٽري ج??رل يوسف بن احمد العثيمين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي غور ??رڻ جي لاءِ سفيرن ۽ مستقل نمائندن جو اجلاس ٿيندو. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو ته پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ??نو ته پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان پارٽيون هڪ ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته ڪابل ۾ ڳالهين جي ڪاميابي سان نه رڳو افغانستان پر ??طي کي به فائدو ٿيندو. پرڏيهي وزير افغان عوام جي حقن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ??نو. هن ان ڳالهه تي زور ??نو ته عالمي برادري ج?? لاءِ ضروري آهي ته اها افغانستان سان مصروف رهي ج??هن ۾ ملڪي معيشت، نئين سر تعمير، بحالي ۽ انساني ضرورتن کي سپورٽ ڪرڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي لاءِ پرامن، متحد، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي ڳولا ۾ افغان عوام سان پنهنجي روايتي يڪجهتي ظاهر ڪرڻ به ضروري آهي. هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي اهميت تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر حالتون خراب ڪندڙن بابت خبردار ڪيو جيڪي ملڪ جي صورتحال جو فائدو کڻڻ چاهين ٿا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افعانستان مان سفارتي مشنز، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۽ چرپر ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪابل ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون جنهن جي ن??يجي ۾ هڪ ٺوس ۽ حصيدار حڪومت ٺهندي ج??ڪا افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي آڻيندي.
او آءِ سي جو غيرمعمولي ايگزيڪيوٽو اجلاس طلب
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل