اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??زيراعظم عمران ??ان ??ان ملاقات لاءِ غير ملڪي صحافين جي واگها رستي پاڪستان ??چڻ تي پابندي جو ڀارتي فيصلو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، عالمي صحافين کي پاڪستان ??چڻ کان رو??ي دنيا جي ”سڀ کان وڏي جمهوريت“ جي نام نهاد دعويٰ هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ٿي ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ??رڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي پاڪستان ??چڻ کان رو??ي مودي حڪومت پنهنجي انهن دعوائن جي نفي ڪئي آهي جيڪي ان ??ي پرڏيهي وزير تازو ئي اعتدال پسندي، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي قانونن جو درس جي طور تي دنيا جي سامهون ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ئين دهلي ۾ رهندڙ نيويارڪ ٽائمز، رائٽرز ۽ دي اڪنامسٽ جي نمائندن کي پاڪستان ??چڻ کان رو??ڻ ڀارت جي ان ??وف ۾ مبتلا هجڻ جو واضح ثبوت آهي ته ??و سچائي کي منهن نٿو ڏئي سگهي، هن چيو ته ??يڊيا جي پيشيوراڻي معاملن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ آزاداڻي رپورٽنگ جي مڃيل ع??لمي حق کان رو??ڻ 5 آگسٽ 2019ع جي فسطائي، هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن جي انتهاپسنداڻي ذهنيت جو تسلسل آهي جنهن جي ذريعي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب غير قانوني طور تي ڀارت جي ڏاڍ هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو بنيادي حق عوامي راءِ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان ??ڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن پرڏيهي صحافين کي 5 آگسٽ تي آزاد ڪشمير جي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، اسان چاهيون ٿا ته ڀارت سمورن خودمختيار صحافين کي والاريل ڪشمير ۾ وڃڻ ۽ حقيقي رپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏي.
غير ملڪي صحافين جي واگها رستي پاڪستان اچڻ تي پابندي جو ڀارتي فيصلو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ