پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته معذور ماڻهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو ڏيارڻ لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس پشاور ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ??يڇ او) جي ت??اون سان منعقد ٿيندڙ معذور ماڻهن جي اجل??س کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ??ه مددگار ٽيڪنالاجي عالمي ۽ علائقائي سطح تي اهميت اختيار ڪندي پئي وڃي جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دنيا بهتر ٿيندي پئي وڃي ۽ مددگار شين جي ضرورتمندن لاءِ هاڻي اميد پيدا ٿي وئي آهي، وزيراعظم جو صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو اطلاعات ۽ هائير ايجوڪيشن بابت خاص مددگار ڪامران بنگش به ان خصوصي اجلاس ۾ موجود هئا، صدر چيو ??ه اسان هن وقت مشڪل دور مان گذري رهيا آهيون، ڇو ته ڪووڊ 19 زندگي جي هر شعبي کي متاثر ڪيو ??هي، پاڪستاني عوام جي خيرخواهي ۽ صحت لاءِ ڊبليو ??يڇ او جي ت??اون کي ساراهيندي هن چيو ??ه حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته ڪنهن به قسم جي معذوري رکندڙ ماڻهو ملڪ جي ت??قي ۾ بامقصد ڪردار ادا ڪري سگهن.
معذور ماڻهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو ڏيارڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena