اسلام ??باد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪٻئي جي عقيدن ۽ نظرين جي احترام ??ي ذريعي ئي امن ۽ ترقي جي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي انتهائي اڻٽر آهي ۽ دنيا جا سمورا مذهب امن، محبت، برداشت ۽ انسانيت جي احترام ??و سبق ڏ??ن ٿا. پائيدار امن جي قيام لاءِ بين المذاهب مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته انفرادي ۽ اجتماعي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دنيا کي امن جو گهوا??و بنائي سگهجي ۽ اهو ڏينهن ان لحاظ کان انتهائي اهم آهي ته ان ڏينهن ان عظيم مسيحا جو ظهور ٿيو جنهن انسانيت کي امن، برداشت ۽ محبت جو درس ڏنو، سينيٽ چيئرمين چيو ته مسلمان جي حيثيت سان حضرت عيسيٰ عليه السلام ??لله تعاليٰ جي پيغمبر جي طور تي اسان جي لاءِ قابل قدر آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام ??و امن ۽ محبت جو پيغام ۽ تعليم اسان جي لاءِ ايتري ئي اهم آهي جيتري اسان جي عيسائي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ اهميت رکندي آهي.
سينيٽ چيئرمين پاران مسيحي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha