ڪراچي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آهي. برساتن سبب سڄي سنڌ تباهه ٿي آهي پر ميڊيا جو ڌيان ڪراچي تي گهڻو رهيو، صوبي ۾ بنيادي ڍانچي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي بدين جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آهي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل اربع ڏينهن گورنر پنجاب چوڌري سرور سان گڏ بدين ضلعي جي برسات سٽيل علائق?? جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر جمال صديقي، بيرسٽر حسنين مرزا، سنڌ جي گورنر جو مشير علي جوڻيجو، اخوت فائونڊيش?? جو سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب به پڻ موجود هئا.
سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سان گڏجي بدين ضلعي جي برسات متاثر علائقن جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں