اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ ۾ فاٽا کي حصو ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، فاٽا انضمام قبائلي علائقن جي ماڻهن جي زندگين کي بدلائڻ ۽ انهن ۾ واضح بهتري آڻڻ جي مقصد کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو، فاٽا انضمام جي خلاف ڪڌن مقصد جي لاءِ ماڻهن کي گمراهه ڪندڙ قوتن کي گڏجي ناڪام بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وز??راعظم آفيس ۾ قبائلي علائقن جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام کانپوءِ انتظامي ۽ ٻين ??عا??لن تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو