لنڊن-03 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيا ايران خلاف پابندي?? ۾ ??اڌ ڪري ڇڏي آهي. پابندي?? ۾ ??اڻي ا??راني پاسداران انقلاب جي اسپيشل فورسز يونٽ ”قدس فورس“ کي شامل ڪيو ويو آهي . ان پابندي جو برطانيا جي حڪومت جي ويب سائيٽ تي شايع ٿ??ل تازي بليڪ لسٽ مان به اظهار ٿي رهيو آهي. العربيه برطانوي حڪومت جي ويب سائيٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي ۽ اثا ثن کي ضبط ڪرڻ جي صورت ۾ اهي پابنديون ايراني پاسداران انقلاب جي يونٽن مان هڪ جي ڪمانڊر حميد فاضلي خلاف لاڳو ڪيون ويون آهن. عبدالفتاح اهوازيان ۽ بهنام شهريار?? تي به پابنديون لڳايون ويون آهن. برطانوي حڪومت جي ويب سائيٽ موجب عبدالفتاح اهوازيان ايراني حڪومت جي مخالف سرگرمي?? ۾ ??لوث هيو. انهن سرگرمين جو مقصد برطانيا کي غير مستحڪم ڪرڻ هيو. بهنام شهرياري اسرائيل، عراق، يمن ۽ لبنان ۾ حالتن کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي سرگرمين ۾ به ملوث هيو. فهرست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قدس فورس جو يونٽ 700 برطانيا اندر عدم استحڪام پيدا ڪندڙ سرگرمين ج?? تياري ۽ منصوبه بندي ڪري رهيو هيو. گڏيل طور تي هاڻي ا??ران خلاف برطانيه جي پابندين جي لسٽ ۾ 27 قانوني ادارا ۽ 190 ماڻهو شامل ٿي ويا آهن.
برطانيا ايران خلاف پابندين ۾ واڌ ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت