ماسڪو- 22 آگسٽ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته چين سان واپاري لاڳاپن کي تيزي سان وڌائي رهيا آهيون. سي جي ٽي اين مطابق روسي صدر گادي واري شهر ماسڪ?? جي ڪريملن پيلس ۾ چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪرڻ بعد جا??ي ڪيل بيان ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل وسيع پيماني تي گڏيل پلان ۽ اقتصادي ۽ انساني منصوبا عمل هيٺ آهن. هن چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ سان ڳالهين بعد طئ?? ڪيل معاهدن ۾ پڻ اڳڀرائي ٿي آهي. اميد آهي ته صدر شي هلندڙ سال قازان ۾ متوقع برڪس سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. روسي صدر وزيراعظم لي چيانگ جي ماسڪ?? جي دوري دوران پڻ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن طرف اشارو ڪيو ۽ چيو ته توهان سان ملاقات اسان لاءِ خوشي جو سبب آهي. اسان جي چيني هم منصبن جي پڻ ڪوششن سان روس – ??ين جا واپاري لاڳاپا ترقي ڪري رهيا آهن ۽ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان گڏيل پلان ۽ اقتصادي ۽ انساني منصوبا عمل هيٺ آهن. چين جي وزيراعظم لي چيانگ به چيو آهي ته روسي صدر جي قيادت هيٺ روس 12 سالن ۾ مستحڪم شڪل ۾ اقتصادي ترقي ڪئي آهي.
چين سان واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏئي رهيا آهيون: روس
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری