بوڪوس-26 ڊسمبر (اي پي پي) نائجيريا جي سينٽرل علائقن ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن تي هٿياربندن جي حملن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڄڻا مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي اختيارين ٻُڌايو آهي ته هٿياربندن نائجيريا جي مرڪزي علائقي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن تي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڄڻا مارجي ويا آهن. پل??ٽيو اسٽيٽ جي گادي واري هنڌ بوڪوس ۾ مقامي ??ڪو??ت جي سربراهه پير ڪاسا 160 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن ٻُڌايو ته هٿياربندن مختلف برادرين جي گهرن تي حملا ڪيا ۽ سندن گهرن کي باهيو?? ڏنيون. هن وڌيڪ ٻ??ڌايو ته حملن ۾ 300 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿيا آهن. واضح رهي ته ڄاڻايل علائقن ۾ ترسيل مسلمان ۽ عيسائي آباديءَ ۾ نسلي ۽ مذهبي تڪرار هلي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز