اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته رسول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو پي??ام آهي، ان جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين، عشره رحمت اللعالمين جي تقريبن جي موقعي تي ”پي??ام پاڪستان“ بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري اسان هڪ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي رهيا آهيون جيڪو رواداري ۽ برداشت تي ٻڌل هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري سان گڏ 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول ﷺ جي موقعي تي تقريبن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. اطلاعات واري وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه ۽ سندس تعليم پوري معاشري جي لاءِ عملي نمونو آهن، اسان کي سيرت طيبه کي عملي طور تي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڳالهائي??دي وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو ته اسان پنهنجي زندگين کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ موجب بڻائي مسئلن جو حل ??ڍي سگهون ٿا. هن اجلاس کي ٻڌايو ته عشره شان رحمت جي سلسلي ۾ مذهبي معاملن واري وزارت 20 آڪٽوبر تائين مختلف موضوعن جو شيڊول جاري ڪيو آهي. هن انهن موضوعن کي نظر ۾ رک??دي سيرت ڪانفرنسن جي انعقاد تي زور ڏنو. وفاقي وزير وزيراعظم ج?? هدايت موجب 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي جي قيام جو اعلان خوش آئنده آهي، ان اٿارٽي جي ذريعي نوجوان ن??ل کي مسلمانن جي تاريخ ۽ اسلامي انقلاب جي رخن کان روشناس ڪرايو ويندو.
رسول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو پيغام آهي، ان جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری