اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ اهڙيون حالتون آهن جو ماڻهو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن، طالبان تي پاڪستان جو اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول ??ه آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان جي معاملي تي پاڪستان جي تجويز کي اڳ ۾ به نه ٻڌو ويو، وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي چونڊون نه ڪرائڻ جي تجويز ڏني هي، اشرف غني وزيراعظم جي تجويز نه مڃي ۽ حالتون اڄ سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته افغان پناهگير اڃا تائين پاڪستان ۾ داخل ناهن ٿيا، افغانستان ۾ اهڙي صورتحال ??ه آهي جو ماڻهو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ حالتون مستحڪم رهن، پاڪستان جو طالبان تي اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول ??ه آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪابل ايئرپورٽ جلد کان جلد کلي ??ڃي.
افغانستان ۾ اهڙيون حالتون آهن جو ماڻهو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں