مهمند – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي دور ۾ شروع ٿيندڙ 10 ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندا، ماضي جي حڪومتن جلد بازي ۾ معاهدا ڪري آءِ پي پيز مان پئسا ڪمايا، پاڻي، اناج ۽ ماحوليات جهڙا مسئلا ڊيمن جي تعمير سان حل ٿيندا، فوڊ سيڪيورٽي لاءِ اسان مڪمل منصوبا کڻي آيا آهيون، ڊيمن جي تعمير مان 80 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. هو مهمند ۾ مهمند ڊيم جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي ??يبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، اطلاعات ۽ نشريات جو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اسان لاءِ سڀني کان سستي ??جلي پيدا ڪرڻ جو ذريعو ڊيم هئا پر ان طرف ڌيان نه ڏنو ويو، چين ۾ 80 هزار ننڍا وڏا ڊيمن آهن، الله اسان کي پاڻي ڏنو آهي سڄي ملڪ ۾ ننڍا وڏا ڊيم ٺاهي سگهون ٿا، اسان ديامر ڀاشا ۽ مهمند ٻن وڏن ڊيمن سميت 10 ڊيمن تي ڪم شروع ??يو آهي، ان مان سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندا، ماحولياتي ??بديلين ۾ پاڪ??تا?? سڀني کان اڳتي ??هي، هن چيو ته ڊيمن مان 80 لک ايڪڙ زمين پوکي جي قابل ٿيندي، آبادي ۾ اضافي سان فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو آهي، ڪڻڪ ۾ پاڻڀيرو ملڪ هجڻ جي باوجود ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو سوچي به نه سگهندا هئاسين پر ڪرڻي پئي، هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جي وڌيڪ ضرورت آهي، اسان دنيا کي اناج ڏئي سگهندا هئاسين اسان زراعت تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اسان جيڪڏهن قدم نه کنيا ته مسئلا ٿيندا، اسٽيڊيم کان پشاور کي 300 گلين پاڻي ڏينداسين، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ماضي ۾ ٻاهر??ن قرض کڻي پاور پراجيڪٽ ڪميشن کائڻ جي لاءِ لڳايا ويندا رهيا، اهو آسان طريقو آهي، هن چيو ته انهن معاهدن سان جنهن لاڳت تي ??جلي پيدا ٿيندي آهي ان تي ??ارفين کي نٿا ڏئي سگهون جيڪڏهن قيمتن ۾ اضافو ڪريون ٿا ته ماڻهو گوڙ ڪندا آهن، پاڪ??تا?? ۾ 50 هزار ميگاواٽ پن بجلي جي صلاحيت موجود آهي، پر ان تي ڪم نه ??يو ويو، هن چيو ته گردشي قرض جي بنيادي سبب پ??دا??اري لاڳت ۽ وڪري جي اگهه ۾ فرق آهي.
اسان جي دور ۾ شروع ٿيندڙ 10 ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر