ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ميوزيم کي جديد سهولتن موجب ترقي ڏيڻ جي لاءِ ان جي اپ گريڊيشن جو منصوبو تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميوزيم ۾ تاريخي دستاويزن کي م??فوظ بڻائڻ جي ليبارٽري ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سي??ٽر پڻ قائم ڪرڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل ميوزيم آف پاڪستان ڪراچي جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي صدر کي عجائب گهر جي صورتحال ۽ مستقبل جي اپ گريڊيشن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر قومي عجائب گهر کي اپ گريڊ ڪ??ڻ ۽ ان کي سياحن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ جي حوالي سان ح??وم??ي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته پاڪستان جي شاندار تاريخ آهي، اهو سنڌ ۽ گنڌارا جهڙين دنيا جون عظيم تهذيبون رک??دڙ آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته 1950ع ۾ قومي عجائب گهر قائم ٿيڻ کانپوءِ هتي تاريخ کان اڳ، هڙپه، گنڌارا ۽ ٻين تهذيبن سان واڳيل 97 هزار کان وڌيڪ تاريخي دستاويزن کي م??فوظ بڻايو ويو آهي ۽ انهن کي ميوزيم جي 10 وڏين گيلريز ۾ نمائش جي لاءِ رک??و ويو آهي.
نيشنل ميوزيم کي جديد سهولتن موجب ترقي ڏيڻ لاءِ ان جي اپ گريڊيشن جو منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی