پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آ??ي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن، واپاري برادري ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افعانستان ۾ امن سان خي??رپختونخواهه کي فائدو ۽ علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. صدر اهڙن خي??لن جو اظهار گورنر هائوس پشاور ۾ خي??رپختونخواهه جي ڪاروباري برادري سان ملاقات ۾ ڪيو. خي??رپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، ايف پي سي سي آءِ جو اڳوڻو صدر غضنفر بلور، سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ ان??سٽري جو صدر شير باز الياس ۽ چيمبر جا ٻيا عهديدار به موجود هئا. صدر چيو ته مڪمل ٽيڪس ادائيگي سان واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ مدد ملندي، واپاري برادري ملڪ ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، صدر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا دوران 1.2 کرب جو معاشي رليف پيڪيج ڏنو ويو آهي، حڪومت واپاري برادري کي چٽاڀيٽي ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آ??ي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن. صدر چيو ته واپاري برادري حڪومت سان رابطا وڌيڪ بهتر ڪري ۽ ڪاروباري ماحول جي بهتري لاءِ تجويزون ڏي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۽ آءِ ٽي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.
ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل