اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته ايران آمريڪا تڪرار جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سڀ کان پهرين ڪوشش جنگ جي خلاف ۽ امن جي حق ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي، اسان واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صور?? ۾ ??نهن به دوست يا پاڙيسري ملڪ جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ جي ا??ازت نه ڏينداسين، اسان باهه لڳائڻ ۾ نه باهه وسائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، پاڪستان هڪطرفي قدم ۽ طاقت جي ا??تعمال جي خلاف آهي، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جو احترام چاهيون ٿا، جيڪڏهن آمريڪا ايران تڪرار وڌيو ته تيل جون قيمتون ۽ عالمي معيشت سخت متاثر ٿيندي ۽ خطي جي امن تي ان جا منفي ا??ر پوندا، اسان سڀني جي اولين ذميواري ملڪ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، پاڪستان اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ رهندي. قومي ا??يمبلي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي پاليسي بيان ۽ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي چيو ته خواجه آصف پاڻ ان عهدي تي رهيو آهي ۽ هو ايترو بي خبر آهي، جنهن تي مون کي حيرت ٿي آهي.
عالمي برادري ايران آمريڪا تڪرار جي حوالي سان ڪردار ادا ڪري: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا