اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته وز??راعظم پنهنجي ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کان احتساب جو عمل شروع ڪندو، ڪابينا ميمبرن جي سرڪاري خرچ تي ٻاهرئين ملڪ علاج جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي، وز??راعظم هائوس ۾ اضافي گاڏين جي نيلامي جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ ۽ حسن نواز، حسين نواز ۽ اسحاق ڊار کي ملڪ واپس آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني دولت کي واپس آڻڻ جي لاءِ وز??راعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي آهي، وفاقي ڪابينا هالينڊ ۾ گستخانه خاڪن جي ٻيهر ڇپائي جي پرزور مذمت ڪري ٿي، هالينڊ جي سفير کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪنداسين، او آءِ سي جي فورم تي پڻ ان معاملي کي اٿاريو ويندو. وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس بابت ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر فواد چوڌري ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا هالينڊ ۾ گستخانا خاڪن جي ٻيهر ڇپائي تي سراپا احتجاج آهي.
وزيراعظم پاڻ ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کان احتساب شروع ڪندو: فواد چوڌري
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ