حافظ آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مري?? اورنگزيب چيو آهي ته مح??د نواز شريف اقتدار جي نه پر س??ائ??ن قدرن جي سياست ڪئي آهي، مح??د نواز شريف هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، توانائي بحران مان ڪڍيو. هو حافظ آباد پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. قومي صحت واري وفاقي وزير سائره افضل تارڙ پڻ تقريب ۾ شريڪ هئي. مملڪتي وزير مري?? اورنگزيب سمورن نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حلف نامي ۾ هڪ اهڙي شيءَ جو به اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪندو هجي ڇو ته جهڙي طرح صحافي پنهنجي قلم جي طاقت ذريعي و??قع?? يا خبر جي اصل مقصدن کي پيش ڪن ٿا ان سان پاڪستان مستحڪم ٿئي ٿو ۽ انهن سمورين شين جي آگاهي ٿئي ٿي.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II