ڪراچي – 19 جنوري (اي پي پي) پاڪ ب??ريه جي لاجسٽڪس ڪمانڊ جي ايوارڊ ورهائڻ جي سالياني تقريب جمعي ڏينهن پاڪستان نيوي ڊاڪيارڊ ۾ منعقد ٿي، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ان موقعي تي خاص مهمان هو. ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب هر سال منعقد ڪئي ويندي آهي جنهن جو مقصد لاجسٽڪس ڪمانڊ تحت ڪم ڪندڙ يونٽس جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ مختلف منصوبن جي ڪامياب تڪميل ۾ انهن جي ڪوششن کي ساراهڻ آهي. پاڪ ب??ريه مان جاري ڪيل بيان موجب تقريب کي خطاب ڪندي چيف آف دي نيول اسٽاف پاڪ ب??ريه جي لاجسٽڪس ڪمانڊ کي پنهنجا پيشيوراڻي معاملن کي انتهائي خوش اسلوبي سان انجام ڏيڻ تي ساراهيو، هن چيو ته لاجسٽڪس ڪمانڊ جي ان بي لوث محنت ۽ لگن جو اندازو سال 2017ع جي دوران پاڪ ب??ريه جي جهازن ۽ آبدوزن جي هڪ ئي وقت دستيابي ۽ ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي بحري مشقن ۾ بروقت شموليت سان چڱي ريت لڳائي سگهجي ٿو، ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو ته پاڪ ب??ريه پنهنجي حربي صلاحيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ پاڪ ب??ريه پنهنجي افرادي قوت کي به بهترين پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪرڻ ۽ کين جديد ٽيڪنالاجي سان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت کان به آگاهه آهي.
پاڪ بحريه سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جو لاجسٽڪس ڪمانڊ جي ايوارڊ ورهائڻ جي سالياني تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis