اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي جاري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ?? ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو پرڏيهي معاملن واري وزارت جي حصيداري سان ينگ پارليامينٽرين فورم جي اهتمام هيٺ ڪشمي?? بابت ٻ?? ڏينهن واري عالمي پ??رلياماني سيمينار جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ڪشمير جي حوالي سان عالمي پ??رلياماني سيمينار منعقد ڪرڻ کي وقت سر قرار ڏيندي چيو ته ڪشمير پاڪستان جي سڃاڻپ جو لازمي جز آهي، اسان جي دل ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪي ٿي، اسان انهن جي خوشي ۾ خوش ۽ انهن جي ڏک ۾ ڏکائتا ٿي ويندا آهيون.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔