اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان انتهاپسندي جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا، پاڪستا?? جي هٿياربند فوج ۽ قوم دهشتگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي ۽ دهشتگردي هاڻي ٻيهر ڪنڌ کڻي نه سگهندي. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ ازبڪستا?? جي نائب وزيراعظم الغ بيگ رزاقولوف سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ازبڪستا?? جي سف??ر کانسواءِ پاڪستان ۽ ازبڪستا?? جي اعليٰ وفدن پڻ شرڪت ڪئي. صدر شوڪت مرزائيف کي ازبڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته سندس حڪومت ج?? دور ۾ به پاڪ ازبڪ لاڳاپا بلندين تائين پهچندا.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا