لنڊن-14 جون (اي پي پي) برطانيه جي ليبر پارٽي اعلان ڪيو آهي ته هو 4 جولاءِ تي ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي تي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ نئين عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ فلسطيني رياست کي تسليم ڪندي. هڪ خابرُو اداري (ار??و نيوز) موجب موجب 4 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن جي ??والي سان راءِ عام جي ??ائزن ۾ ليبر پارٽي پنهنجي مخالفن کان گهڻو اڳتي آهي. ليبر پارٽي جي منشور ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني رياست فلسطيني عوام جو فتح نه ٿيڻ جوڳو حق آهي. اسان هڪ نئين امن عمل ۾ حصو وجهڻ لاءِ فلسطين کي تسليم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون جيڪو ٻه رياستي حل تي ٻڌل هجي ??نهن ۾ محفوظ اسرائيل ۽ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست گڏوگڏ هجن. موجوده ڪنزرويٽو پارٽي جي ??ڪومت پهرين چيو هو ته هو امن عمل کان پهرين باضابطه طور تي فلسطين جي ??ياست کي تسليم ڪندي. حڪومت چيو هو ته اولهندي ڪناري ۽ غزه جي فسلطينين کي هڪ اعتبار جوڳي فلسطيني رياست ۽ نئين مستقبل جو سياسي منظر فراهم ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته هلندڙ سال مئي ۾ آئر لينڊ، ناروي ۽ اسپين باضابطه طور تي فسلطيني جي ??ياست کي تسليم ڪيو هو.
برطانيه جي ليبر پارٽي جو 4 جولاءِ تي چونڊن ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia