مڪو شريف – 13 جون (اي پي پي) مذهبي م??املن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي صدرات هيٺ هوپ (حج گروپ آرگنائزرز آف پاڪستان) سان مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مذهبي م??املن واري سيڪريٽري ذوالفقار حيدر، ڊي جي حج عبدالوهاب سومرو، ڊائريڪٽر مڪه فهيم خان آفريدي، جوائنٽ سيڪريٽري حج سجاد حيدر يلدرم شرڪت ڪئي. ترجمان مطابق اجلاس ۾ حا??ظ طاهر محمود اشرفي جي سربراهي ۾ پاڪستاني نجي حج ڪمپنين جا نمائندا پڻ شريڪ ٿيا. مذهبي م??املن واري وزير هدايت ڪئي ته سرڪاري ۽ پرائيويٽ حج پانڌيئڙن جي م??اعر ۾ سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. مجموعي طور تي پرائيويٽ حج ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي. نجي حج پانڌيئڙن سان دوکو ڪندڙ ڪمپنين سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. مذهبي م??املن واري سيڪريٽري چيو ته نجي حج ٽور آپريٽرز طوافه ڪمپنين سان جامع معاهدا ڪن. هوپ نجي اسڪيم جي حاجين جي حقن جي تحفظ لاءِ ايڪشن ڪميٽي جوڙي. حج پانڌيئڙا منيٰ عرفات ۾ شڪايتن جي صورت ۾ نس?? ايپ ۾ موجود سعودي ادارن سان رابطو ڪن. اجلاس ۾ نجي حج اسڪيم جي شڪايتن جي ازالي لاءِ مر??وط سسٽم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي صدارت ۾ حج گروپ آرگنائزرز جو مشاورتي اجلاس
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری