پيرس – 07 جون (اي پي پي ) اسپين اعلان ڪيو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڏکڻ آ??ريقا پاران غزه ۾ نسل ڪشي جي حوالي ??ان اسرائيل خلاف ڪيس ۾ ڌر طور شامل ٿيندو. اي ايف پي موجب اسپين جي پرڏيهي وزير جوز مينول البريس جو پريس ڪانفرنس ۾ چوڻ هيو ته اسان جو واحد مقصد جاري جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ ٻه رياستي حل جي منصوبي تي اڳتي وڌڻ آ??ي. پرڏيهي وزير جو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن هفتو اڳ اسپين آئر لينڊ ۽ ناروي سان گڏجي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو. ڏکڻ آ??ريقا گذريل سال اسرائيل خلاف انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ نسل ڪشي تي ڪيس ڪيو هو. ڏکڻ آ??ريقا جو چوڻ آ??ي ته اسرائيل جي غزه ۾ جنگ گڏيل قومن جي 1948ع جي نسل ڪشي جي حوالي ??ان ڪنونشن جي خلاف ورزي آهي. اسرائيل ڏکڻ آ??ريقا جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي. آئي سي جي جمعي تي اسرائيل کي حڪم ڏنو هيو ته ه?? گڏيل قومن جي مقرر ڪيل جانچ ڪندڙن کي نسل ڪشي جي الزامن جي جاچ لاءِ بنا ڪنهن رنڊڪ جي غزه تائين پهچڻ ڏي. 26 جنوري جي رولنگ ۾ آئي سي جي اسرائيل کي حڪم ڏنو هو ته ه?? غزه آپريشن دوران نسل ڪشي جي ڪنهن به فعل کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. تنهن هوندي به ان کانپوءِ به ڏکڻ آ??ريقا ڪيترائي ڀيرا انصاف عالمي عدالت سان رابطو ڪري غزه ۾ جاري انساني الميي جي ڏس ۾ هنگامي قدمن جو مط??لبو ڪيو. 24 مئي تي آئي سي جي اسرائيل کي رفح آپريشن فوري طور بند ڪرڻ ۽ انساني امداد جي غزه تائين پهچ جي لاءِ سرحدي لنگهه کليل رکڻ جو حڪم ڏنو هو.
اسپين پاران انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڌر بڻجڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری