نيويارڪ _ 6 جون (اي پي پي ) پاڪستان ، ترڪيه ۽ انڊونيشيا وڌندڙ اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو آهي. مسلمانن سان نفرت جي وڌندڙ لهر تي پاڪستان، ترڪيه ۽ انڊونيشيا جي سينيئر سفارتڪارن اسلاموفوبيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومتن جي گڏيل عزم جو ورجاءِ ڪ??دي امن ، رواداري ۽ بين المذهب مڪالمي جي به وڪالت ڪئي . هو نيو يا??ڪ ۾ ترڪي جي قونصليٽ جنرل ۾ ٽنهي اسلامي ملڪن جي قونصل جنرلز جي گڏيل ميزباني ۾ منعقد تقريب سان خطاب ڪري رهيا هئا . پاڪستان جي قونصل جنرل عامر احمد اتوزائي پنهنجي خطاب ۾ اسلام جي بنيادي اصولن ، شائستگي، صبر، همدردي ۽ برداشت تي زور ڏنو . هن انتها پسندن جي هڪ اقليت طرفان اسلام جي غلط تشريح ۽ 11/9 جي واقعي بعد اسلاموفوبيا جي ڳڻتي جوڳي اضافي کي ا??اگ?? ڪيو . جن??ن ۾ مسلمانن خلاف نفرت انگيز تقريرون، تشدد ۽ ادارن پاران نا مناسب سلوڪ شامل آهي . پاڪستاني سفارتڪار اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قراردادن جي تازي منظوري ۾ ترڪيه ۽ انڊونيشيا سان پاڪستان جي فعال ڪردار تي به زور ڀريو، جن??ن ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي نمائ??دي جي مقرري جو مطالبو پڻ شامل آهي. پاڪستاني قونصل جنرل غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي جي قدمن کي عالمي اسلامو فوبيا جي هڪ واضح عڪاسي قرار ڏي??دي مذمت ڪئي جن??ن سڄي دنيا ۾ مروج اسلامو فوبڪ واقعن تي روشني وڌي جن??ن ۾ نفرت انگيز تقريرون، ٽارگيٽ حملن ۽ مسلمانن جي خلاف اڻبرابري جو سلوڪ شامل آهن. هن ڀارت ۾ مذهبي هنڌن جي منظم تباهي ۽ ان ملڪ اندر ٻين اسلامو فوبڪ ڪاررواين ڏانهن ڌيان ڇڪرايو. ان کانسواءِ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت قابض فوج جي وڏي انگ ۾ موجودگي سان گڏوگڏ اڻبرابري وارين پاليسين طرف به اشارو ڪيو جن??ن جو مقصد آبادياتي انجنيئرنگ ذريعي خطي جي آبادي جي بيهڪ کي مسلم اڪثريت کان هندو اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ترڪيه جي پروفيسر ڊاڪٽر اينيس بيرڪلي ۽ انڊونيشيا جي ڊاڪٽر امام شمس علي به اسلامو فوبيا ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عملن جو جائزو ورتو ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تجويز ڪئي. مقررن اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالم?? سهڪار سان گڏوگڏ ڪميونٽي شموليت جي اهم ڪردار تي زور ڀريو.
پاڪستان ، ترڪيه ۽ انڊونيشيا پاران وڌندڙ اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر