واشنگٽن – 16 نومبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان آمريڪي تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي انگ ۾ اضافي کي سٺو سنوڻ قرار ??يندي اميد ڏيکاري آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ جاري ڪوششن تحت موجوده تعداد کي ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻيڻو ڪيو ويند??. پ??ڪستاني سفارتخاني مان جاري بيان موجب مسعود خان ??يو ته مختلف آمريڪي تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڌندڙ انگ نه رڳو تعليمي شعبي ۾ ويجهي سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿو بلڪه مستقبل ۾ مضبوط ٻطرفن ناتن جي ضمانت به آهي. هن ??يو ته پاڪستاني شاگردن کي سائنس، ٽيڪ??ال??جي، انجنيئرنگ ۽ رياضي (ايس ٽي اي ايم) جي مضمونن ۾ وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن هو انهن مضمونن ۾ آمريڪي مهارت ۽ علم مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ