گڏيل قومون-19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل فلسطين تڪرار تي جنگ بندي بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن قرارداد جنهن ۾ لکين فلسطيني شهرين کي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو ويو هو، 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ برازيل طرفان پيش ڪيل قرارداد ۾ شهرين خلاف هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪئي وئي هئي، جنهن ج?? حمايت ۾ 12 و??ٽ پيا جڏهن ته آمريڪا هن قرارداد جي مخالفت ۾ ويٽو جو حق استعمال ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ووٽنگ کانپوءِ سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ چي?? ته پاڪستان فوري جنگ بندي ج?? حمايت ڪري ٿو، هي اجلاس چين، روس ۽ گڏيل عرب امارتن غزه جي بگڙجندڙ صورت??ال تي ڳالهين لاءِ طلب ڪيو، پاڪستاني نمائندي ووٽنگ جو حوالو ڏيندي چي?? ته برازيل طرفان پيش ڪيل قرارداد تي ووٽنگ ۾ بهتري جي ضرورت هئي پر سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل نمائندي طرفان قرارداد ويٽو ٿيڻ سبب منظور نه ٿيڻ اسان جي لاءِ حيرانگي جو سبب آهي. هن چي?? ته غزه جي شهرين تي مسلسل بمباري کي ڊيگهه ڏيڻ ۾ تعاون ڪندڙ ملڪ ان جا ذميوار آهن. پاڪستان جي مستقل نمائندي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي?? ته سلامتي ڪائونسل هڪ ڏينهن اڳ روس طرفان پيش ڪيل قرارداد ۽ اڄ برازيل ??ي قرارداد ۾ روسي ترميم سبب جنگ بندي ??ي قرارداد کي منظور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، هن چي?? ته غزه تي اسرائيل طرفان مسلسل ۽ تباهي آڻيندڙ حملن کي 11 ڏينهن ٿي ويا آهن، پورو غزه فوجي گهيري ۾ آهي ۽ اتي بجلي، پاڻي ۽ انساني امداد جي فراهمي ڪٽي وئي آهي. غزه جي پوري آبادي جنهن ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ شهري شامل آهن کي انڌا ڌنڌ اسرائيل?? حملن جي اجتماعي سزا ڏني پئي وڃي، هن چي?? ته پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي فضائ?? حملن ۽ فوجي گهيري شهرين جي شهادتن ۽ پهرين کان والاريل ۽ تباهه ??ال ماڻهن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي شديد مذمت ڪري ٿو، هن چي?? ته جنگ ??ي قانونن ۽ عالمي انساني قانون، خاص طور تي جنيوا ڪنوينشنز جو سختي سان مشاهدو ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي گذريل ڏينهن غزه جي الاهلي اسپتال تي اسرائيل طرفان ڪيل بزدلاڻ?? حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ سوين فلسطيني شهري شهيد ٿيا جن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن، هن چي?? ته عالمي قانون تحت ڄاڻي واڻي ڪيل ظلم ۽ اسپتال ت?? حملو واضح طور تي جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف آهن. هن چي?? ته ذميوارن کي عالمي تحقيقات ۽ احتسابي عمل ذريعي جوابده قرار ڏيڻ گهرجي. هن سلامتي ڪائونسل جي مفلوج هجڻ جي باوجود اميد ظاهر ڪئي ته جنرل اسيمبلي ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ۽ گڏيل قومن جا ادارا تڪرار کي روڪڻ، غزه جي فلسطيني آبادي جي لڏپلاڻ روڪڻ، فلسطيني شهرين لاءِ خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن سميت ٻين ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ انساني همدردي جي راهدارين کي کولڻ لاءِ قدم کڻندا. هن چي?? ته حق خوداراديت ۽ قومي آزادي لاءِ غير ملڪي قبضي تحت ماڻهن جي جدوجهد عالمي قانونن تحت جائز آهي ۽ کين پنهنجي آزادي جي حاصلات لاءِ ان جدوجهد ۾ سمورا امڪاني وسيلا استعمال ڪرڻ جو حق آهي، هي ان جدوجهد کي دٻائڻ گهرن ٿا جيڪو غير قانوني آهي، گڏيل قومن جي چارٽر تحت رياستن کي پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ت?? حملن خلاف پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، پاڪستاني نمائندي چي?? ته اسرائيل فلسطين ڊگهي تڪرار تمام گهڻيون جانيون ورتيون آهن ۽ پوري خطي جي استحڪام کي مسلسل خطري ۾ وجهي رهيو آهي، هن چي?? ته اسرائيل فلسطين تڪرار جو حتمي حل 1967ع کان پهرين جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل عمل ، آزاد ۽ خودمختيار رياست فسلطيني رياست ??ي قيام ۾ لڪيل آهي جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي.
پاڪستان جو جنگ بندي بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada