گڏيل قومون- 22 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ??ار?? جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل والاريل ڄمون ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول سان امن ۽ سلامتيءَ جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ل??ءِ ??ار?? ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قوم?? جي مبصر مشن (يو اين ايم او جي آءِ پي) کي وڌيڪ مضبوط ۽ مؤثر بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستا?? جي مستقل نمائندي منير اڪرم امن آپريشنز جي خصوصي ڪميٽيءَ جي 2023ع جي پهرئين سيشن کي خطاب ۾ چيو ته يو اين ايم او جي آءِ پي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق والاريل ڄمون ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول سان امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو. گڏيل قومن جو مبصر مشن جنوري 1949ع ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ??ار?? ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگبنديءَ جي نگرانيءَ ل??ءِ مقرر ڪيو ويو هو جتي پاڪستان گڏيل قوم?? جي مبصرن کي نگرانيءَ جي اجازت ڏني پر ??ار?? نه ڏني. پاڪستاني نمائندي چيو ته تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ ل??ءِ مجموعي سياسي حڪمت عملي جي هڪ حصي طور امن جو قيام سڀ کان وڌيڪ مؤثر آهي، ان ل??ءِ سياسي حڪمت عمليءَ کي تڪرار?? جي روڪٿام کان وٺي تڪرار?? جي حل تائين امن تسلسل سان اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته شهري?? جي تحفظ جو مقصد هٿياربند جهيڙي کي پکيڙڻ کان روڪڻ، تڪرار?? جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ ثالثي ذريعي منصفاڻي ۽ پائيدار سياسي حل تلاش ڪرڻ سان بهترين طريقي سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن اسٽريٽجڪ ڳالهين، صنفي مرڪزي ڌارا ۽ ان ۾ خدمتون انجام ڏيندڙن کي بهتر تحفظ فراهم ڪرڻ ل??ءِ مشن ۽ آپريشنز کي مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ام?? جي قيام کي امن لاڳو ڪرڻ ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي جي ڪارروائين کان الڳ ڪرڻ گهرجي. هن عورتن امن جٿ?? جي واڌ جي حوالي سان مساوي جاگرافيائي نمائندگي تي زور ڀريندي چيو ته ان سان اسرندڙ ملڪن جون عورتن امن اهلڪار?? جي شموليت کي ترغيب ملندي.
لائن آف ڪنٽرول تي امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏيل قومن جي مبصر مشن کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ جي ضرورت آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش