واشنگٽن-19 جنوري (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪس??ان کي اقتصادي لحاظ کان مستحڪم ڏسڻ جا خواهشمند آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس روزانو جي بنياد تي ٿيل پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪس??ان جي حڪومت آءِ ايم ايف ۽ ٻين عالمي ادارن سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. هن پاڪس??ان جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا گهٽ ٿيڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هي هڪ چئلينج آهي. هن چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته پاڪس??ان آءِ ايم ايف ۽ عالمي مالياتي ادارن سان ڪم ڪري رهيو آهي. اسان پاڪس??ان کي اقتصادي لحاظ کان مستحڪم پوزيشن تي ڏسڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته جيستائين هو سمجهي ٿو ته پاڪس??ان جي آءِ ايم ايف ۽ عالمي مالياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اسان پنهنجي پاڪستاني شراڪتدارن جي حمايت ڪريون ٿا پر آخ??ڪا?? هي پاڪس??ان ۽ عالمي مالياتي ادار ن جي وچ جو معاملو آهي. ترجمان پاڪس??ان جي مالياتي چئلينجز تي آمريڪي قدمن تي دٻاءُ وِجهندي چيو ته اسان جو پاڪستاني شراڪتدارن سان ڳالهين ۾ اڪثر فني مسئلا پيش هوندا آهن. اڪثر وقت هي مسئلا ناڻي کاتي ۽ اسان جي پاڪستاني شراڪتدارن وچ ۾ حل ڪيا وڃن ٿا پر پرڏيهي کاتو ۽ اسان هم منصبن وچ ۾ ڳالهين جو موضوع پاڪس??ان جو مي??رو اڪنامڪ استحڪام آهي.
پاڪستان کي اقتصادي لحاظ کان مستحڪم ڏسڻ جا خواهشمند آهيون: آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : sorteios quina