اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۽ انٽر بورڊ ڪوآرڊين??شن ڪم??شن آءِ بي سي سي جي وچ ?? مفاهمتي يادداشت تي صحيحون، معاهدي موجب انٽر بورڊ ڪوآرڊين??شن ڪم??شن نيشنل پريس ڪلب جي ميمبرن ۽ انهن جي ٻارن جي ميٽرڪ، انٽر ليول ۽ اُن جي برابر سرٽيفڪيٽن جي فوري تصديق جي لاءِ فوڪل پرسن جي مقرري، ٻارن جي لاءِ راندين جي مقابلن ۾ شرڪت ۽ اسڪالرشپس ۾ صحافين جي ٻارن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي موقعا فراهم ڪيا ويندا، معاهدي تي اين پي سي پاران صدر اظهر جتوئي جڏهن ته آءِ بي سي سي جي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽر??شن محمد منيب جاويد صحيحون ڪيون، تقريب جي نظامت جا فرض سينيئر صحافي ۽ آر آءِ يو جي جي ايگزيڪيوٽو ميمبر توصيف عباسي سرانجام ڏنا، ان موقعي تي آءِ بي سي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ملاح جو چوڻ هو ته 1972ع ۾ قائم ٿيندڙ هن اداري جو ايڪٽ گذريل سال منظور ڪرايو ويو آهي، چار سال اڳ جڏهن مون هن اداري کي جوائن ڪيو ته اداري کي ڪو به پڇڻ وارو نه هو، هاڻي اسان کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿئي ٿي ته آءِ بي سي سي سڄي ملڪ ۾ آن لائين ڊيسڪ قائم ڪري ڇڏيا آهن، اداري جو ون ونڊو آپر??شن ڏينهن جي وقت کانسواءِ شام جي وقت ۾ خصوصي سروسز فراهم ڪيون وڃن ٿيون، اسان جي لاءِ اها خوش آئنده ڳالهه آهي ته نيشنل پريس ڪلب سان طئ?? ٿيندڙ معاهدي کانپوءِ جتي هڪ طرف صحافين ۽ انهن جي ٻارن کي اها سه??لت ملندي اتي ميڊيا آءِ بي سي سي جي پڻ پذيرائي ڪندي، ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر اظهر جتوئي چيو ته نيشنل پريس ڪلب جي ايجوڪ??شن ڪميٽي اين پي سي ميمبرن ۽ انهن جي ٻارن کي سه??لتن جي فراهمي جي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهي آهي، اين پي سي ايجوڪ??شن ڪميٽي جي چيئرمين عاصم جيلاني ان موقعي تي آءِ بي سي سي سان طئ?? ٿيندڙ معاهدي جا مقصد ٻُڌائيندي چيو ته نيشنل پريس ڪلب پنهنجي ميمبرن جي سه??لت لاءِ اڳئين مرحلي ۾ مختلف پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر يونيورسٽين سان معاهدن کي حتمي شڪل ڏئي رهيو آهي ۽ ان حوالي سان ميمبرن کي جلد خوشخبري ٻڌائي ويندي، آخر ۾ اين پي سي جي نائب صدر شاهه محمد ڏيٿو مهمانن جا ٿورا مڃيا.
نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۽ انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔