اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو نومبر 2024ع ۾ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 729 ملين آمريڪي ڊالرز تي پهچي وڃڻ ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آ??نده آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي، مهانگائي ۽ ناڻ?? واڌ ۾ ترتيبوار گهٽتائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ اضافو حڪومت جي مثبت معاشي پاليسين جو واضح ثبوت آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ رڪارڊ اضافي سان پاڪستان جي عالمي معاشي مارڪيٽ ۾ پوزيشن مستحڪم ٿيندي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس سان پاڪستاني معيشت ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم پاران رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان