لاهور-21 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله ت??رڙ ڪالهه
گجر چوڪ ماڊل ??ائون ۾ سستي ڪرسمس بازار جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان
موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ماڊل ??ائون صاحبزاده محمد يوسف، يوسي 226 جو
چيئرمين چوڌري يوسف جاويد، پاسٽر فرحان ايرڪ، ڪوآرڊينيٽر گلريز خان ۽
ٻيا موجود ه??ا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته حڪومت اقليتن جي تحفظ لاءِ
سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. ڪرسمس جي موقعي تي سستي بازار
مسيحي برادري لاءِ پنجاب حڪومت طرفان تحفو آهي. هن چيو ته مان هميشه
اسيمبلي ۾ اقليتن جي بهتري جي ڳالهه ڪئي، مان پنهنجي تڪ مان 70 هزار
مسيحي برادري جا ووٽ کڻي اسيمبلي پهتو آهيان، تڪ ۾ جلد ترقياتي رٿائن جي
شروعات ڪئي ويندي، وفاقي وزير مقامي ڪرسچن ڪميونٽي کي قبرستان لاءِ
جاءِ جي فراهمي جي خاطري ڪرائي. ان کان اڳ سستي ڪرسمس بازار جو
دورو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ