اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشتر??ه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان اڳ دولت مشتر??ه جي پرڏيهي معاملن وارن وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ??لوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وزارتي اجلاس ۾ دولت مشتر??ه جي بنيادي اصولن، خاص طور تي لچڪدار ??عاشرن کي فروغ ڏيڻ ۽ جامع ۽ برابر ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. هن دولت مشتر??ه جي ترقي پسند ترجيحن ”صنفي برابري ۽ انٽرجنريشنل ڊائيلاگ“ کي پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم اهڙن معاشرن جي تعمير ۾ دولت مشتر??ه جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جيڪي عالمي چئلينجز جو مقابلو ۽ انهن سان هم آهنگ ٿي سگهن. هن موسمياتي موافقت ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڊيزاسٽر ريسپانس ڪوآرڊينيشن کي وڌائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ جي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. محمد اسحاق ڊار گڏيل چئلينجز جو مضبوط حل تيار ڪرڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ دولت مشتر??ه جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ساموا جي وزيراعظم فيام نومي مطاف، سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن، روانڊا جي پرڏيهي وزير ??ول??ور جي پي ندهو نگيري، ڏکڻ آفريقا جي نائب پرڏيهي وزير ايناٿانڊي موراڪا، سينٽ ڪٽس اينڊنيوس جي پرڏيهي وزير، ٽوگو جي واپار ??اري وزير ۽ دولت مشتر??ه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقاتون ڪيون آهن.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان اڳ دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم