اسلام آباد -14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته بجلي سان هلندڙ گا??ين سان نه رڳو پيٽرول ۽ ڊيزل جي آمدني واپار ۾ قيمتي مٽاسٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي، پر اهي گاڏيون ماحول دوست به هونديون، ملڪ ۾ بجلي تي هلندڙ گا??ين کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت ترجيحي قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم اليڪٽرڪ وهيڪلس جي حوالي سان هڪ جامع فنانشل ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ي صدارت هيٺ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي استعمال جي حوالي سان اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ بجلي تي هلندڙ گا??ين کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت ترجيحي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم اليڪٽرڪ وهيڪلز جي حوالي سان هڪ جامع فنانشل ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن ان حوالي سان وفاقي ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سان مشاورت جي پڻ هدايت ڪندي چيو ته اي وهيڪلز پاليسي هلندڙ سال نومبر تائين مڪمل ڪئي وڃي. هن ملڪ ۾ اي وهيڪلز جي تياري جي حوالي سان لائينسز جي ضابطيڪار کي بهتر بڻائڻ، اي وهيڪلز پاليسي جي حوالي سان سمورن صوبن ۽ وفاقي اسٽيڪ هولڊرز سان ضروري مشاورت ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم جي طرز تي سرڪاري اسڪولن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ اي موٽر بائيڪس ورهايون وي??ديون. وزيراعظم اڳتي سمورن وفاقي سرڪاري ادارن ۾ صرف اليڪٽرڪ موٽر بائيڪس جي خريداري ڪئي وي??دي ته جيئن قومي خزاني جي بچت ٿئي. وزيراعظم ان حوالي سان سمورن وفاقي وزارتن کي هدايت جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي اسلام آباد ۾ بجلي تي هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان جامع پلان جوڙڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ اي وهيڪلز جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو وي?? ته 2022ع کان هن وقت تائين مقامي سطح تي ٻن ۽ ٽن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ گا??ين جي تياري لاءِ 49 لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن. جن مان 25 ڪارخانن ۾ انهن گا??ين کي ٺاهڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته چئن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ گا??ين جي مقامي سطح تي تياري جي حوالي سان پهريون لائيسنس سيپٽمبر 2024ع ۾ جاري ڪيو وي?? آهي. مقامي سطح تي تيار ڪيل پهرين اليڪٽرڪ ڪار هلندڙ سال ڊسمبر تائين مارڪيٽ ۾ اچي وي??دي. اجلاس کي آگاهه ڪيو وي?? ته ملڪ ۾ هن وقت ٻن ۽ ٽن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ گا??ين جو انگ 45 هزار جڏهن ته چئن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ وهيڪلز جو انگ 2600 آهي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته اليڪٽرڪ گا??ين لاءِ رچارج اسٽيشنز ترجيحي بنيادن تي موٽر ويز، جي ٽي روڊ (قومي شاهراه 5) قومي شاهراه 65 ۽ 70 لڳايا وي??دا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، توانائي واري وزير اويس احمد خان لغاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
بجلي تي هلندڙ گاڏين سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي آمدني واپار ۾ قيمتي مٽاسٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي، اهي گاڏيون ماحول دوست پڻ هونديون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : quina acumulada